نوشهروفيروز: پوليس جي ڪارروائي، چوري ٿيل پنج ڏاند شڪارپور مان هٿ، مالڪ حوالي

1 Min Read

نوشهروفيروز(محمد عادل عباسي) نوشهروفيروز پوليس هڪ ڪامياب ڪارروائي دوران مورو ٿاڻي جي حد ۾ هڪ هفتو اڳ چوري ٿيل پنج ڏاند شڪارپور مان هٿ ڪري حقيقي مالڪ حوالي ڪري ڇڏيا.

پوليس موجب مورو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير محمد دل ۾ عبدالخالق آرائين جي گهران پنج ڏاند چوري ٿي ويا هئا، جنهن بابت مورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. جديد جاچ ۽ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي شڪارپور مان ٽرانسپورٽ مالڪن جي سهڪار سان چوري ٿيل مال هٿ ڪيو ويو.

هن وڌيڪ چيو ته هٿ ڪيل ڏاند حقيقي مالڪ عبدالخالق آرائين حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدار ۽ ٽرڪ ڊرائيور ڪارروائي دوران فرار ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment