اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ جي معيشت صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي ۽ هاڻي معاشي استحڪام کان ترقي جي مرحلي ڏانهن وڌنداسين.
اسلام آباد ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ڪوشش ڪئي آهي ته گهٽ پگهار وارن طبقي کي وڌيڪ رليف فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته پگهارن تي 5 سيڪڙو ٽيڪس گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 15 سيڪڙو ٽيڪس کي 13 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته وڌيڪ پگهار وارن ماڻهن ۽ سرچارج بابت قدمن تي سٺو موٽ مليو آهي.
محمد اورنگزيب چيو ته تعميراتي شعبي تي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته زرعي شعبي لاءِ زرعي قرضن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ٿي آهي ۽ انهن جو ڪاٿو 2 کرب رپين کان وڌيڪ ٿي ويو آهي.
هن چيو ته زرخيزي اسڪيم بهتر نموني سان اڳتي وڌي رهي آهي ۽ ننڍن آبادگارن کي قرض حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجا گهر گروي رکڻ جي ضرورت نه پوندي.
ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته نوجوان قرض اسڪيم جو ڪاٿو 262 ارب رپيا آهي، جنهن مان 125 ارب رپيا زرعي شعبي لاءِ مخصوص آهن. زرعي مشينري جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽي، ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي مڪمل طور ختم ڪئي وئي آهي.
ناڻي واري وزير چيو ته وچ اوڀر ۾ جنگي ڇڪتاڻ ختم ٿيندي ئي مهانگائي ۾ به گهٽتائي ايندي. هن چيو ته پاڪستان معاشي ترقي جي راهه تي هلي پيو آهي ۽ هلندڙ سال معاشي لحاظ کان نمايان اڳڀرائي ٿي آهي.
سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ ٽيڪس ۽ برآمداتي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، جڏهن ته 70 ارب رپين جي اضافي سبسڊي پڻ ڏني وئي آهي. هن چيو ته برآمدات وڌائڻ لاءِ عملي ۽ ڪارائتا قدم شامل ڪيا ويا آهن.
محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته زرعي مشينري تي سموريون ڪسٽم ڊيوٽيون ختم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته زرعي شعبي لاءِ قرضن جي فراهمي جو حجم 20 ارب رپين کان به وڌي ويو آهي. هن اعتراف ڪيو ته توانائي جي ڍانچي تي دٻاءُ موجود آهي ۽ اهو ڪجهه عرصو ايندڙ مالي سال دوران به برقرار رهي سگهي ٿو.
ناڻي واري وزير صوبن پاران وفاق سان سهڪار تي شڪرگذاري جو اظهار ڪندي چيو ته صوبن جي طرفان مرڪز کي فراهم ڪيل اها سهولت ايندڙ ٽن مالي سالن تائين جاري رهندي.


