اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته امڪان آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تاريخي امن معاهدي کي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران حتمي شڪل ڏني ويندي.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته امن معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ بابت اڳڀرائي هاڻي اڳ کان وڌيڪ ويجهو اچي چڪي آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر معاهدو مڪمل ٿي ويندو.
هن چيو ته معاهدو مڪمل ٿيڻ شرط ان تي اليڪٽرانڪ صحيحون ڪيون وينديون. ان کان علاوه، ايندڙ هفتي فني سطح تي به ڳالهيون ٿينديون، جن ۾ معاهدي تي عملدرآمد جي مختلف پهلوئن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.
وزيراعظم چيو ته هو آمريڪا ۽ ايران جا شڪرگذار آهن، جن ڳالهين جي عمل دوران مسلسل سهڪار ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو. سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جي عزم ۽ سفارتي ڪوششن هن اهم اڳڀرائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هي تاريخي امن معاهدو خطي ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ گڏيل سهڪار لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪندو.


