Focus with Zardari

ڊيرا اسماعيل خان: سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 3 مبينا خوارج مارجي ويا

1 Min Read

ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهن اطلاعن تي ڪارروائي ڪندي 3 مبينا خوارج کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪارروائي عزم استحڪام ويزن تحت ڪئي وئي، جنهن دوران 3 مبينا دهشتگرد مارجي ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون دهشتگردن جي نيٽ ورڪن کي ڪمزور ڪرڻ ۾ اثرائتيون ثابت ٿي رهيون آهن.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن به ڊيرا اسماعيل خان ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران 8 مبينا دهشتگرد مارجي ويا هئا، جن ۾ سيڪيورٽي ذريعن موجب فتنته الخوارج جا 3 اهم اڳواڻ پڻ شامل هئا.

Share This Article
Leave a Comment