ڪراچي (رپورٽر) سرجاني ٽائون جي سيڪٽر 7-B ۾ اڍائي مهينن جي ٻارڙي فاطمه جي پاڻي جي ٽانڪي مان لاش ملڻ واري واقعي جو معمو حل ٿي ويو، پوليس ٻارڙي جي قتل جي الزام ۾ سندس چاچي محمد حماد کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي ويسٽ طارق الاهي مستوئي موجب ٻارڙي محمد علي جي ڌيءَ هئي، جيڪا گهر مان گم ٿي وئي ته وارثن پوليس هيلپ لائن 15 تي اطلاع ڏنو. ڳولا دوران گهر جي ڇت تي موجود پاڻي جي ٽانڪي کولڻ تي ٻارڙي جو لاش اندران هٿ آيو.
پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران ٻارڙي جي والدين ۽ ويجهن مائٽن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، جنهن دوران شڪ ٻارڙي جي چاچي محمد حماد تي ويو. پڇا ڳاڇا ۾ جوابدار مبينا طور ڏوهه جو اعتراف ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته خانداني تڪرار ۽ ذاتي رنجشن تان ٻارڙي کي قتل ڪري لاش پاڻي جي ٽانڪي ۾ لڪايو ويو. سرجاني ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي.


