ڪنڌڪوٽ: ( رپورٽ – شاھد بلوچ) ارڙي جي وبا ضلعي ڪنڌڪوٽ ۾ خطرناڪ شڪل اختيار ڪري وئي، هڪ ئي گهر جون 3 معصوم نينگريون فوت ٿي ويون.
ڳوٺ مير صبح صادق کوسو ۾ پورهيت مولا بخش لاشاري جي ٽن ڌيئرن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي آهي.
وارثن موجب، نينگريون ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا هيون ۽ انهن جي بچاءَ واري ويڪسين لاءِ صحت کاتي کي اڳواٽ اطلاع ڏنو ويو هو.
وارثن الزام مڙهيو آهي ته صحت کاتي جون ٽيمون وقت سر پهچي نه سگهيون، جنهن سبب ٽنهي نينگرين جي حياتي نه بچي سگهي.
واقعي کان پوءِ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي، جڏهن ته سڄي علائقي ۾ سوڳ واري فضا ڇانيل آهي.
ٻئي پاسي شهري ۽ سماجي حلقن صحت کاتي کان سخت نوٽيس وٺڻ ۽ ارڙي جي وڌندڙ وبا کي روڪڻ لاءِ فوري ويڪسين مهم شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.


