ڪوٽڙي ۾ موٽرسائيڪلن جي ٽڪر بعد نوجوان ٽرڪ هيٺان اچي فوت

1 Min Read

ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو ضلعي جي ڪوٽڙي سائيٽ واري علائقي ۾ ٽيليگراف روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ بعد پيش آيل افسوسناڪ حادثي ۾ 26 ورهين جو نوجوان فيض الله پٽ آزاد خان پٺاڻ ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو.
پوليس موجب حادثي کان پوءِ ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي لاش تعلقه اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو.
فوتي نوجوان خورشيد ڪالوني جو رهواسي هو، جڏهن ته پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Share This Article
Leave a Comment