نوشهرو فيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ڀرسان ڦل ريگيوليٽر روهڙي ڪئنال ۾ ٻه ڏينهن اڳ موٽرسائيڪل سميت ٻڏي ويل ٻن نوجوانن مان هڪ نوجوان مهتاب وڳڻ جو لاش هٿ اچي ويو آهي، جڏهن ته ٻئي نوجوان غلام علي وڳڻ جي ڳولا جاري آهي.
پوليس موجب اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ٽوٻن سرچ آپريشن شروع ڪيو، جنهن دوران مهتاب وڳڻ جو لاش هٿ آيو.
ٻئي نوجوان جي ڳولا لاءِ ٽوٻن ۽ لاڳاپيل عملي پاران آپريشن جاري آهي، جڏهن ته واقعي سبب علائقي ۾ سوڳ ۽ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي.

نوشهرو فيروز: روهڙي ڪئنال ۾ ٻڏي ويل ٻن نوجوانن مان هڪ جو لاش هٿ
Leave a Comment Leave a Comment

