گمبٽ (رپورٽر) احمد پور پير بادل لنڪ روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو.
حادثي ۾ ديدار ڀٽي ۽ منير چانڊيو فوت ٿي ويا، جڏهن ته امام الدين ميتلو سخت زخمي ٿي پيو. پوليس فوتين جا مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو.
ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.


