شڪارپور: ميان صاحب ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ 13 ورهين جي نينگري قتل

1 Min Read

شڪارپور (رپورٽر) ڳوٺ منڌو واهه ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ 13 ورهين جي نينگري فاطمه چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.

پوليس موجب مبينا طور جوابدار قائم الدين چانڊيو پنهنجي ڀائٽي فاطمه ڌيءَ ضياءَ الحق چانڊيو کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو.

همايون شريف پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نينگري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ شڪارپور اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

Share This Article
Leave a Comment