گمبٽ ( رپورٽ: ممتاز ميمڻ ) قومي شاهراهه تي ويگو گاڏي ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت پنج ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.
پوليس موجب حادثي ۾ زخمي ٿيلن ۽ فوت ٿيلن کي فوري طور تي گمبٽ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ضروري طبي ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
رپورٽن مطابق فوت ٿيندڙن ۾ سڪندر جوڳي، فدا حسين ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ڪجهه فوتين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.
پوليس ٻڌايو آهي ته ويگو گاڏي جي مالڪن کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کين وڌيڪ جاچ لاءِ شامل ڪيو ويو آهي.
واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته حادثي سبب علائقي ۾ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي آهي.


