Focus with Zardari

گمبٽ: ڀارو شهر ۾ قتل ٿيل عجيب آريجو جي امڙ جو ٻئي ڏينهن به ٿاڻي اڳيان قرآن پاڪ کڻي ڌرڻو

1 Min Read

گمبٽ ڀرسان ڀارو شهر ۾ قتل ٿيل عجيب آريجو جي امڙ جو ٻئي ڏينهن به قرآن پاڪ کڻي ٿاڻي اڳيان ڌرڻو جاري آهي. مقتول جي امڙ قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي پوليس خلاف احتجاج ڪيو.

مقتول جي امڙ الزام لڳايو ته ڀارو پوليس قاتلن سان مبينا طور مليل آهي، جيڪڏهن قاتل گرفتار ڪيا ويا آهن ته کين ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته هوءَ قاتلن جي گرفتاري تائين قرآن پاڪ کڻي ٿاڻي اڳيان ويٺل رهندي ۽ اتان نه اٿندي.

Share This Article
Leave a Comment