سنڌ ۾ پهرين آڪٽوبر کان فلور ملن کي سرڪاري ڪڻڪ جاري ڪرڻ جو فيصلو

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۽ ضبط ٿيل ڪڻڪ جي صورتحال جو جائزو وٺندي پهرين آڪٽوبر کان فلور ملن کي سرڪاري ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

وڏي وزير جي صدارت هيٺ فلور ملز کي ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي سلسلي ۾ اجلاس ٿيو، خوراڪ کاتي جي عملدارن بريفنگ ڏني.

وڏي وزير چيو ته سرڪاري ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو مقصد اٽي جي فراهمي بهتر بڻائڻ، قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ ۽ عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ آهي.

اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ مجموعي طور 2 لک 26 هزار 918 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ضبط ڪئي وئي آهي، جنهن مان 85 هزار 208 ميٽرڪ ٽن اڃا منتقل ٿيڻ باقي آهي.

مراد علي شاهه خوراڪ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ضبط ٿيل ڪڻڪ جي منتقلي وارو عمل تيز ڪيو وڃي ۽ ذخيرو اندوزن خلاف ڪارروايون وڌايون وڃن.

خوراڪ کاتي موجب سنڌ، پاسڪو کان هڪ لک 90 هزار کان 2 لک 23 هزار 455 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿي، جڏهن ته ٽرانسپورٽيشن جو ٽينڊر 22 سيپٽمبر 2026 تي کوليو ويندو.

اجلاس ۾ وفاقي حڪومت طرفان 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ واري منصوبي تي پڻ غور ڪيو ويو.

وڏي وزير چيو ته حڪومت ڪڻڪ جي دستيابي، اٽي جي قيمتن ۽ مارڪيٽ جي صورتحال تي مسلسل نظر رکندي، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي مارڪيٽ ۾ مداخلت ڪئي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment