ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مقامي عدالت 34 سالن جي ڊگهي قانوني جنگ کانپوءِ روڊ حادثي ۾ معذور ٿيل شهري ڪشن لال جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، پر افسوس جو ڪشن لال پنهنجي حق ۾ آيل فيصلي کان هڪ سال اڳ لاڏاڻو ڪري ويو.
عدالت سنڌ حڪومت جي ٽرانسپورٽ کاتي ۽ بس ڊرائيور کي گڏيل طور تي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته 1994ع ۾ ڪيس داخل ٿيڻ کان رقم جي ادائيگي تائين 15 سيڪڙو سالياني منافعي سان رقم ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي. جنهن بعد اها رقم اٽڪل 5 ڪروڙ رپين تائين پهچي وئي آهي.
ڪيس موجب 9 مارچ 1992ع تي ڪورنگي روڊ، اختر ڪالوني بس اسٽاپ ڀرسان سنڌ حڪومت جي ملڪيت واري بس ڊرائيور محمود تيز رفتاري ۽ لاپرواهي سان گاڏي هلائيندي 27 ورهين جي ڪشن لال کي ٽڪر هنيو.
حادثي ۾ ڪشن لال جي ساڄي ڄنگهه سخت زخمي ٿي، بعد ۾ انفيڪشن پکڙجڻ سبب سندس ڄنگهه گوڏي کان مٿي ڪٽڻي پئي، جڏهن ته منهن تي زخم ۽ ڏند به ٽٽي ويا.
عدالتي فيصلي موجب حادثي وقت ڪشن لال چمڙي جي ڪٽائي جو ماهر ڪاريگر هو ۽ هر مهيني 3 هزار رپيا ڪمائيندو هو، پر معذوري سبب سندس روزگار ختم ٿي ويو ۽ هو ويل چيئر تائين محدود ٿي ويو.
ڪشن لال 1994ع ۾ هڪ ڪروڙ رپين جي هرجاڻي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو. ٻڌڻي دوران ڊرائيور طرفان ڪو مضبوط دفاع پيش نه ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌ حڪومت جو ٽرانسپورٽ کاتو به مناسب ثبوت پيش نه ڪري سگهيو.
عدالت قرار ڏنو ته ڊرائيور سرڪاري ڊيوٽي دوران لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو، تنهنڪري بس جي مالڪ طور سنڌ حڪومت به قانوني طور ذميوار آهي.
سينيئر سول جج ڪراچي ڏکڻ شير محمد ڪولاچي سنڌ حڪومت کي ٽن مهينن اندر رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ٻي صورت ۾ معاملو وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ موڪليو ويندو.
ڪشن لال جي وڪيل فراز فهيم موجب سندس موڪل هڪ سال اڳ فوت ٿي چڪو آهي، جڏهن ته سندس وارثن ۾ ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ شامل آهن.
وڪيل جو چوڻ آهي ته 1994ع ۾ داخل ڪيل هڪ ڪروڙ رپين جي دعويٰ وقت سان گڏ وڌي وئي آهي ۽ هاڻي ڊرائيور ۽ سنڌ حڪومت کي 5 ڪروڙ رپيا ادا ڪرڻا پوندا، جيڪي ڪشن لال جي وارثن کي ملندا.

