نوشهروفيروز ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو غير قانوني رهندڙ افغانين ۽ پناهگيرن جي نيڪالي لاءِ احتجاج

1 Min Read

نوشهرو فيروز (محمد عادل عباسي) نوشهروفيروز ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين ۽ ٻين پناهگيرن جي نيڪالي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاجي مظاهرو مرڪزي وائيس چيئرمين نثار ڪيريو، اصغر ڀرٽ، اصغر بليدي، اقبال راڄپر ۽ ٻين اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ الله واري چوڪ کان شروع ٿي ڊپٽي ڪمشنر آفيس تائين پهتو.

احتجاج دوران ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جا جهنڊا کنيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اندر جيڪي به غير قانوني پناهگير ۽ افغان شهري رهن ٿا، انهن کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي، ڇو ته اهي سنڌ جي وسيلن تي بار بڻجي رهيا آهن.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وسيلن ۽ حقن جي تحفظ لاءِ اهڙي قسم جو آواز اٿاريندا رهندا. احتجاج کانپوءِ اڳواڻن پاران ڊپٽي ڪمشنر کي مطالبن تي ٻڌل يادداشت نامو پڻ پيش ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment