ڪي پي ۾ مختلف آپريشنز ۽ چڪرين دوران 21 خارجي مارجي ويا: آءِ ايس پي آر

1 Min Read

راولپنڊي (ويب نيوز) پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب 2 کان 5 سيپٽمبر دوران خيبر پختونخوا ۾ مختلف چڪرين ۽ آپريشنز دوران21  خارجي مارجي ويا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ پاڪ-افغان سرحد تي 31 آگسٽ ۽ پهرين سيپٽمبر جي وچ واري رات سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران علائقي ۾ لڪل 10 خارجي مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ هڪ ٻي ڪارروائي دوران وڌيڪ 7  خارجي مارجي ويا، جڏهن ته ڪوهاٽ ۽ ڊي آءِ خان ۾ ٻن مختلف چڪرين دوران وڌيڪ 4 خارجي مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مداخلت جي ڪوشش ڪندڙ مارجي ويل خارجي جو مجموعي انگ 25  ٿي ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ موجود ٻين خارجي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشنز جاري آهن.

صدر ۽ وزيراعظم پاران ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment