بلوچستان ۾ امن، خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي رياست جي ڪوششن جو مرڪز آهي: عاصم منير

2 Min Read

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جو امن، خوشحالي ۽ ڀلائي رياست جي ڪوششن جو مرڪزي محور آهي، جڏهن ته محفوظ ۽ مستحڪم ماحول صوبي ۾ ترقي ۽ معاشي سرگرمين لاءِ اهم آهي.

Contents

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير ڪوئيٽا گيريزن جو دورو ڪيو، جتي هن فيلڊ فارميشنز جي ڪمانڊرز ۽ ڪمانڊنگ آفيسرن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي کيس بلوچستان جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال، آپريشنل تيارين ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ جاري قدمن بابت جامع بريفنگ ڏني وئي.

بريفنگ دوران ادارن وچ ۾ رابطي ۽ بلوچستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ سهڪار تي پڻ غور ڪيو ويو.

فيلڊ مارشل عاصم منير جوانن جي پيشوراڻي صلاحيتن، آپريشنل تيارين ۽ عزم کي ساراهيندي چيو ته امن قائم رکڻ ۽ معاشي ترقي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ خاطر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ٻين رياستي ادارن وچ ۾ مسلسل ۽ مؤثر رابطي جي ضرورت آهي.

هن چيو ته بلوچستان جي عوام جو امن، خوشحالي ۽ ڀلائي رياست جي ڪوششن جو مرڪز آهي. مستحڪم ۽ محفوظ ماحول ترقياتي منصوبن، معاشي موقعن ۽ عوام جي بهتر مستقبل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو.

چيف آف ڊفينس فورسز شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي آفيسرن ۽ جوانن جي فرض شناسي، ثابت قدمي ۽ لگن کي پڻ ساراهيو.

ڪوئيٽا پهچڻ تي فيلڊ مارشل عاصم منير جو استقبال ڪمانڊر ڪوئيٽا ڪور ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment