سموري ملڪ ۾ دفاع ۽ شهيدن جو ڏهارو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

2 Min Read

ڪراچي(ويب نيوز) سموري  ملڪ ۾ اڄ دفاع ۽ شهيدن جو ڏهارو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.

61 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن پاڪ فوج ۽ پاڪستاني قوم رات جي اونداهيءَ ۾ حملو ڪندڙ دشمن کي ڀرپور جواب ڏئي ناڪام بڻايو هو.

دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي اها روايت گذريل سال مئي ۾ به ورجائي وئي.

سيپٽمبر 1965ع جي جنگ جي ياد ۾ اڄ دفاع ۽ شهيدن جو ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ قائد اعظم جي مزار تي خاص تقريب پڻ ڪوٺائي وئي.

پاڪستان ايئر فورس جي ڪيڊٽس مزارِ قائد تي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا، جڏهن ته ايئر وائس مارشل حسن فيصل تقريب جو خاص مهمان هو.

تقريب کي خطاب ڪندي ايئر وائس مارشل حسن فيصل چيو ته پاڪ فضائيه قوم جي اميدن تي هميشه پوري لٿي آهي ۽ هر ڏکي گهڙيءَ ۾ پنهنجيون خدمتون انجام ڏنيون آهن.

هن چيو ته پاڪستان جي فضائي حدن جو دفاع پاڪ فضائيه جي مضبوط هٿن ۾ آهي، جڏهن ته پاڪ فضائيه گذريل سال ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو.

هن دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي سمورن شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند ضرور آهي، پر پنهنجي خودمختياري تي ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪندو.

Share This Article
Leave a Comment