سکر: ايس ايس پي پاران خالي ٿاڻن تي نوان ايس ايڇ او مقرر

1 Min Read

سکر (رپورٽر) ايس ايس پي احمد چوڌري پاران ضلعي جي خالي ٿاڻن تي پوليس آفيسرن جون نيون مقرريون ڪيون ويون آهن.

انسپيڪٽر شوڪت آرائين کي پوليس لائن مان ايس ايڇ او سانگي، انسپيڪٽر ثناءُ الله کونھارو کي ايس ايڇ او پٽڻي تان ايس ايڇ او روهڙي، جڏهن ته انسپيڪٽر عمران علي ڀيو کي پوليس لائن مان ايس ايڇ او پٽڻي مقرر ڪيو ويو آهي.

سب انسپيڪٽر احمد علي شر کي ايس ايڇ او نئو پنڊ تان ايس ايڇ او ايئرپورٽ، جڏهن ته سب انسپيڪٽر علي رضا مهر کي آءِ او پي ايس سيڪشن مان ايس ايڇ او نئو پنڊ مقرر ڪيو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment