گمبٽ (رپورٽر) گورنمينٽ بوائز ايليمنٽري اسڪول ڪاظم آباد محدود وسيلن باوجود شاندار نموني سان تعليم جون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت 1500 کان وڌيڪ ٻار تعليم پرائي رهيا آهن. درگاهه ريجھ علي شاهه جي زمين تي قائم هي اسڪول علائقي جي پورهيت ۽ مسڪين خاندانن جي ٻارن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ جو اهم مرڪز بڻيل آهي.
اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارڙا ذهين ۽ باصلاحيت هجڻ سان گڏ مختلف شعبن ۾ پنهنجي قابليت مڃرائي چڪا آهن، جڏهن ته اسڪول جي بهترين ڪارڪردگي ۾ محنتي استادن جو اهم ڪردار آهي. محدود وسيلن باوجود اسڪول جي عمارت شاندار نموني قائم آهي ۽ شاگردن کي بنيادي سهولتون پڻ فراهم ڪيون پيون وڃن.
سرندي وارن جي سهڪار سان اسڪول ۾ تعليم جي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ پڻ ڪوششون جاري آهن. استاد مشق رتڙ جي اڳواڻي ۾ هونهار استادن جي ٽيم سوين نه پر 1500 کان وڌيڪ شاگردن کي علم جي روشني سان مالامال ڪرڻ ۽ سندن مستقبل سنوارڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، جنهن سبب ڪاظم آباد جو هي اسڪول محدود وسيلن باوجود بهتر تعليمي ڪارڪردگي جو هڪ مثبت مثال بڻجي سامهون آيو آهي.


