بلوچستان: خاران ۽ واشڪ ۾ ڪارروايون، 11 دهشتگرد مارجي ويا

1 Min Read

بلوچستان (ويب ڊيسڪ) خاران ۽ واشڪ ضلعن ۾ سيڪيورٽي فورسز ڳجهن اطلاعن تي ڪارروايون ڪندي 11 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب 6 سيپٽمبر تي خاران ۾ دهشتگردن رستي تي رنڊڪون وجهي ٽريفڪ ۾ خلل وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا. 7 سيپٽمبر تي واشڪ ۾ ڪيل آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي تباهه ڪيو ويو، جتي فائرنگ ۾ وڌيڪ 3 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويلن جو تعلق ڀارتي پراڪسي ’فتنۃ الهنودستان‘ سان ٻڌايو ويو آهي، جڏهن ته ڪارروائي دوران 2.9 ٽن ڌماڪيدار مواد پڻ هٿ ڪيو ويو، جيڪو مبينا طور آءِ اي ڊيز ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو هو. علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي ڳولا ۽ خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment