اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد: پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 40 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 367 رپيا 75 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
اهڙي طرح ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 72 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 392 رپيا 67 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جون نيون قيمتون 10 سيپٽمبر لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن.


