برمنگهم (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان جي ٽيم پهرين اننگز ۾ صرف 133 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.
برمنگهم ۾ انگلينڊ جي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان صائم ايوب ۽ اذان اويس اننگز جي شروعات ڪئي، پر صائم ايوب بنا ڪنهن رن جي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته اذان اويس صرف 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
عبدالله شفيق 3، شان مسعود ۽ ڪپتان بابر اعظم 7، جڏهن ته پهريون ٽيسٽ کيڏندڙ غازي غوري صرف 4 رنسون ٺاهي پويان موٽي ويا.
سعود شڪيل پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ 43 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته محمد عباس 21 رنسن جي اننگز کيڏي.
انگلينڊ طرفان جوش ٽنگ شاندار بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته اولي رابنسن ۽ جوفرا آرچر 3،3 وڪيٽون وٺي پاڪستاني بيٽنگ لائن کي تباهه ڪري ڇڏيو.
هن ٽيسٽ ۾ پاڪستان طرفان ٽن رانديگرن غازي غوري، رضا الله ۽ عمران رندهاوا ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو. غازي غوري کي سعود شڪيل، جڏهن ته رضا الله ۽ عمران رندهاوا کي محمد عباس ۽ بابر اعظم ٽيسٽ ڪيپ پارائي.
ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ انگلينڊ اڳ ئي 2-0 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري چڪو آهي.


