منيلا/پالوان: (ويب ڊيسڪ) فلپائن جي مشهور سياحتي علائقي پالوان جي سمنڊ ۾ مسافر فيري ۾ اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 87 مسافر اڃا تائين لاپتا آهن.
فلپائن ڪوسٽ گارڊ موجب، حادثو MV June Aster نالي ٻيڙي سان پيش آيو.
فيري ۾ ڪل 134 ڄڻا سوار هئا جن ۾ 117 مسافر ۽ عملي جا 17 ميمبر شامل آهن.
امدادي ٽيمون فوري پهتيون ۽ ڪارروائي ڪندي 42 مسافرن کي بچائي ورتو آهي.
87 لاپتا مسافرن جي ڳولا لاءِ سمنڊ ۾ ريسڪيو آپريشن تيزيءَ سان جاري آهي.
اختيارين پاران باهه لڳڻ جي اصل سببن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.


