ملير (رپورٽر) ملير ڪينٽ پوليس شهرين کي دوکو ڏيڻ ۽ پاڻ کي پوليس آفيسر ظاهر ڪري پوليس جي سڃاڻپ جو ناجائز استعمال ڪندڙ جوابدار خلاف ڪارروائي ڪندي هڪ جعلي پوليس آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس ذريعن موجب، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ وقار حسين منگي ولد عبدالخالق منگي طور ٿي آهي. جوابدار تي شهرين سان رابطي ۾ پاڻ کي پوليس آفيسر ٻڌائي دوکا ڏيڻ ۽ پوليس جي سڃاڻپ جو غلط فائدو وٺڻ جا الزام آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي قبضي مان سب انسپيڪٽر رينڪ جو جعلي پوليس سروس ڪارڊ ۽ پوليس يونيفارم ۾ هڪ تصوير هٿ ڪئي وئي آهي، جيڪي سندس جعلي سڃاڻپ جي تصديق ڪن ٿا.
جوابدار خلاف مناسب قانوني ڪارروائي ڪندي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس داخل ٿيڻ بعد گرفتار جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ جاچ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، جتان وڌيڪ جاچ جاري آهي.
پوليس عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڪنهن به شخص جي پوليس هجڻ جي دعويٰ تي يقين ڪرڻ کان اڳ سندس سڃاڻپ جي تصديق ڪن ۽ شڪ جي صورت ۾ ويجهي پوليس اسٽيشن يا هيلپ لائن سان رابطو ڪن.


