حوثين پاران باب المندب تي مڪمل ڪنٽرول جي دعويٰ، عالمي واپار لاءِ خطري جي گهنٽي

2 Min Read

صنعا(ويب ڊيسڪ) يمن جي انصارالله تنظيم جي سينيئر اڳواڻ محمد البخيتي دعويٰ ڪئي آهي ته حوثين باب المندب تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي.

ايراني ميڊيا موجب حوثين مغربي صوبي تعز ۾ اهم علائقن ۽ الخالد ۽ جبل النصر فوجي اڏن تي قبضو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته بحيره احمر جي ساحلي علائقي ۾ واقع المخا بندرگاهه جي داخلي حصن تائين به پهچي ويا آهن.

رپورٽن موجب حوثين المخا ايئرپورٽ تي پڻ قبضو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته مزاحمت ڪندڙ وڏي انگ ۾ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن.

باب المندب عالمي واپار لاءِ انتهائي اهم سامونڊي گذرگاهه آهي، جتان تيل، گئس ۽ خوراڪ سميت مختلف شين جي عالمي سطح تي آمدرفت ٿيندي آهي. جڏهن ته المخا بندرگاهه اسٽريٽجڪ اهميت رکي ٿي، جتان بحيره احمر مان گذرندڙ جهازن جي نگراني سان گڏ فوجي سرگرمين لاءِ به ان جي اهميت آهي.

هوڏانهن يمن جي صدارتي ليڊرشپ ڪائونسل جي صدر رشاد العليمي خبردار ڪيو آهي ته باب المندب ڀرسان فوجي صورتحال ۾ تبديلي جا اثر سوئيز ڪينال تائين پهچي سگهن ٿا.

رشاد العليمي موجب باب المندب جي چوڌاري موجوده فوجي صورتحال عالمي واپار کي متاثر ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته يمن جي ساحلي علائقن جو تحفظ صرف يمن نه پر عرب ۽ عالمي برادري جي گڏيل ذميواري آهي.

Share This Article
Leave a Comment