پاڪستان سعودي عرب جي سلامتي لاءِ مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

1 Min Read

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته حوثين جا سعودي عرب تي حملا سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي کليل ڀڃڪڙي آهن، پاڪستان سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.

سلامتي ڪائونسل جي سعودي عرب تي حوثي حملن بابت هنگامي اجلاس ۾ پاڪستان پنهنجي موقف جو اظهار ڪندي چيو ته سعودي عرب کي پنهنجي شهرين، رهواسين ۽ قومي اثاثن جي تحفظ لاءِ ضروري قدم کڻڻ جو جائز حق حاصل آهي.

عاصم افتخار چيو ته يمن جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ۽ خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته بحيره احمر ۾ واپاري جهازن تي حوثين جا حملا پڻ سخت ڳڻتي جو سبب آهن.

پاڪستاني نمائندي چيو ته يمن ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ روڪڻ ۽ سفارتڪاري لاءِ گنجائش برقرار رکڻ ضروري آهي، جڏهن ته پاڪستان گڏيل قومن جي سرپرستي هيٺ يمني قيادت جي اڳواڻي ۾ سياسي عمل جي حمايت ڪري ٿو.

Share This Article
Leave a Comment