پاڪستان ۾ ڊجيٽل اثاثن جي لائسنسنگ شروع، 70 درخواستون وصول

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڊجيٽل اثاثن جي لائسنسنگ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ هيل تائين 70 درخواستون وصول ٿي چڪيون آهن.

پاڪستان ورچوئل ريگيوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين بلال بن ثاقب موجب ريگيوليٽري فريم ورڪ جي معيار تي پورو لهندڙ ڪمپنين کي ڊجيٽل اثاثن جي خريد ۽ وڪري لاءِ لائسنس جاري ڪيا ويندا.

هن چيو ته ڊجيٽل اثاثن لاءِ ريگيوليٽري فريم ورڪ 6 مهينن اندر تيار ڪيو ويو آهي.

بلال بن ثاقب موجب ڊجيٽل ذريعي ترسيل رقم جي موجوده لاڳت 6.5 سيڪڙو آهي، جيڪا گهٽجي هڪ سيڪڙو تائين اچڻ جو امڪان آهي.

هن دعويٰ ڪئي ته ترسيل رقم جي لاڳت گهٽ ٿيڻ سان پاڪستانين کي مجموعي طور 41 ڪروڙ ڊالر جي بچت ٿي سگهي ٿي.

Share This Article
Leave a Comment