اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ ڳالهين جو نئون دور 23 سيپٽمبر کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 7 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسليٽي پروگرام جي چوٿين جائزي لاءِ ڳالهين سان گڏ هڪ ارب 40 ڪروڙ ڊالر جي ريزيلينس اينڊ سسٽينيبليٽي فيسليٽي (RSF) پروگرام جي ٽئين جائزي تي به هڪ ئي وقت ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
ڳالهين دوران گذريل مالي سال جي ٻئي ڇهن مهينن، يعني جنوري کان جون 2026ع تائين پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي ۽ طئي ٿيل هدفن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويندو.


