تلھار: آئيس نشي سبب نوجوان فوت، وارثن پاران لاش رکي احتجاج

1 Min Read

تلھار (رپورٽ: صابر لغاري) وارڊ نمبر 9، ڳوٺ ڦوٽو ماڇي جي رهواسي 30 ورهين جي نوجوان حڪيم سولنگي جي آئيس نشي سبب فوت ٿيڻ خلاف وارثن لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

فوتي نوجوان جي وارثن محبوب سولنگي، انور جمالي، سڌير سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هنيو ته تلھار ۾ آئيس ۽ ٻين منشيات جي وڪري ڪندڙن کي مبينا طور کلي ڇوٽ مليل آهي، جنهن سبب قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. مظاهرين دعويٰ ڪئي ته هلندڙ سال تلھار ۾ 8 کان 10 نوجوان آئيس جو نشو واپرائڻ سبب فوت ٿي چڪا آهن.

مظاهرين آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير، وزيراعظم شهباز شريف، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين کان تلھار ۾ آئيس، منشيات ۽ نشي واريون گوريون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment