ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سسٽم ۾ ڪيبل فالٽ سبب ڌابيجي پمپنگ اسٽيشن جي مختلف فيزن ۾ صبح 6 وڳي کان بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، واٽر ڪارپوريشن ترجمان موجب، بجلي بند ٿيڻ سبب ڌابيجي جي ٿرڊ فيز، فورتھ فيز ۽ ڪي-3 پمپس هائوس جا 21 مان 10 پمپس غير فعال ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جزوي طور متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
واٽر ڪارپوريشن اختيارين بجلي جي جلد بحالي لاءِ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا سان مسلسل رابطي ۾ آهن.
ترجمان موجب بجلي بحال ٿيندي ئي متاثر ٿيل 10 پمپس فوري طور فعال ڪري پاڻي جي فراهمي معمول تي آڻڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.
واٽر ڪارپوريشن شهرين کي پاڻي جي باڪفايتي استعمال ۽ غير ضروري پاڻي ضايع نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.


