حيدرآباد (رپورٽ: ذاڪر لغاري) سنڌ ترقي پسند پارٽي، ايس ٽي پي، نون صوبن جي قيام خلاف مرحليوار تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي مرڪزي اڳواڻن سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ نه ڏينداسين.
قادر مگسي چيو ته جيڪڏهن مارشل لا يا ريفرنڊم ذريعي اوچتو ڪو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ ڀرپور مزاحمت ڪندي.
هن سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي آواز اٿارڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته خاص طور تي پيپلز پارٽي کي به مضبوط اتحاد جوڙي جدوجهد شروع ڪرڻ گهرجي.
ايس ٽي پي چيئرمين موجب 20 سيپٽمبر تي ٺٽي ضلعي ۾ جلسا ڪيا ويندا، جڏهن ته 28 سيپٽمبر تي ڌاٻيجي، 3 آڪٽوبر تي ڊگهڙي ۽ 9 آڪٽوبر تي بدين ۾ وڏا جلسا منعقد ڪيا ويندا.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته 6 آڪٽوبر تي ٽنڊو محمد خان، 23 آڪٽوبر تي سجاول، 30 آڪٽوبر تي مٽياري ۽ 6 نومبر تي نوابشاهه ۾ پڻ جلسا ڪيا ويندا.
قادر مگسي اعلان ڪيو ته 11 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ آل سنڌ قومي ڪانفرنس سڏائي ويندي، جڏهن ته 15 نومبر تي ڪراچي ۾ مزار قائد آڏو وڏو جلسو ڪيو ويندو.
هن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي ته پنهنجن گاڏين تي ”سنڌ منهنجي ماءُ“ جي نعري جا اسٽيڪر لڳايا وڃن.


