مرتضيٰ جتوئي پاران نون انتظامي يونٽس جي حمايت ۽ بعد ۾ وضاحت

2 Min Read

نوشهروفيروز ( رپورٽ: عادل عباسي  ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ نيشنل پيپلزپارٽي جي سربراهه مرتضيٰ جتوئي نون انتظامي يونٽس جي حوالي سان پنهنجي بيان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته هن نون انتظامي يونٽس نه پر بلدياتي يونٽس جي حمايت ڪئي هئي.

نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ جتوئي چيو ته ملڪ ۾ نوان انتظامي يونٽس ٺهڻ گهرجن، صوبن بدران انتظامي يونٽس ذريعي بهتري آندي وڃي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف سميت ٻين پارٽين سان ان سلسلي ۾ ڳالهيون ٿي رهيون هونديون، ونڊر بواءِ به اچي سگهي ٿو.

غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته پاڪستان ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ بدران اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪري ضلعي ڪائونسلن ۽ ميونسپل ادارن کي ڏنا وڃن.

هن چيو ته ملڪ جا حالتون خراب آهن، وزير به اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير حسن چانڊيو جي اغوا جو واقعو ان جو مثال آهي.

سندس چوڻ هو ته ميرٽ بدران جعلسازي ۽ ڪرپشن عام ٿي وئي آهي، حيدرآباد ۾ شاگرد مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويٺل آهن، اسان انهن جي حمايت ڪريون ٿا.

بعد ۾ سنڌ وائيس جي سنڌ مارننگ پروگرام ۾ ڳالهائيندي مرتضيٰ جتوئي چيو ته هن نون انتظامي يونٽس جي حمايت ناهي ڪئي، هن رڳو مڪاني ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.

Share This Article
Leave a Comment