اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ ٿيل مڪو معاهدو ڪنهن ملڪ خلاف ناهي، پر اجتماعي دفاع، علائقائي استحڪام ۽ جارحيت روڪڻ لاءِ آهي.
العربيه انگلش کي ڏنل انٽرويو ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جا سعودي عرب ۽ ترڪي سان لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ نئين دفاعي معاهدي انهن لاڳاپن کي باضابطه شڪل ڏني آهي. سندس چوڻ هو ته معاهدي ۾ ڪو جارحاڻي يا مداخلت پسند عنصر شامل ناهي ۽ اهو خالص دفاعي نوعيت جو آهي.
احمد شريف چوڌري چيو ته دفاعي وعدن بابت آپريشنل تفصيل عوامي سطح تي ظاهر نٿا ڪري سگهجن، جڏهن ته مڪو معاهدو چين سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو متبادل ناهي. هن چيو ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جو دفاعي معاهدو چين سان پاڪستان جي لاڳاپن کي مڪمل ڪري ٿو.
هن واضح ڪيو ته اهو معاهدو ’مسلم اتحاد‘ ناهي، پر ان جو مقصد علائقائي سلامتي، استحڪام ۽ عدم جارحيت آهي. نئين ملڪ کي معاهدي ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ٽنهي ملڪن جون قيادتون گڏجي ڪنديون.
ايران جنگ بابت ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي ذريعي علائقي ۾ امن آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جو ڪو ذاتي يا خانگي مفاد ناهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جو مقصد تڪرار کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ ۽ مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ آهي.
ڀارت سان 2025ع واري مختصر جنگ بابت احمد شريف چوڌري چيو ته ٻن ايٽمي ملڪن وچ ۾ فوجي تڪرار ناقابل قبول آهي. هن دعويٰ ڪئي ته پاڪستان ان تڪرار دوران فضائي، زميني، سائبر، بحري، معلوماتي ۽ سفارتي شعبن ۾ ڀارت کي سبق ڏنو.


