Focus with Zardari

ڪراچي: منگھوپير ۾ سي ٽي ڊي جو آپريشن، 2 دهشتگرد مارجي ويا

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۽ وفاقي حساس اداري منگھوپير جي ڪچا روڊ، غازي ڳوٺ واري علائقي ۾ انٽيليجنس بنياد تي ڪارروائي ڪندي فتنه الھندوستان سان واسطو رکندڙ دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو.

سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪارروائي دوران دهشتگردن ۽ اهلڪارن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. ترجمان دعويٰ ڪئي ته مارجي ويل دهشتگرد ڪراچي ۾ دهشتگرد ڪاررواين جي منصوبابندي ۾ مصروف هئا.

ترجمان موجب ڪارروائي دوران مارجي ويلن وٽان هڪ ڪلاشنڪوف، هڪ 9 ايم ايم پستول ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. مارجي ويلن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته هٿ آيل هٿيارن ۽ ٻين ثبوتن کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

سي ٽي ڊي موجب مارجي ويل دهشتگردن جي ساٿين، سهولتڪارن ۽ ڪراچي ۾ موجود سندن نيٽ ورڪ بابت پڻ جاچ جاري آهي. ترجمان چيو ته دهشتگردي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.

- Advertisement -

Share This Article
Leave a Comment