گمبٽ (رپورٽر) اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ پاران گمبٽ ميونسپل ڪميٽي، ٽي ايم سي اگڙا ۽ يونين ڪائونسل گمبٽ ۾ مبينا بي ضابطگين بابت شڪايتن تي جاچ تيز ڪئي وئي آهي.
اينٽي ڪرپشن اختيارين ٽنهي ادارن کان گذريل 5 سالن جو رڪارڊ طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ بجيٽ، ٽينڊرز، ترقياتي ڪمن تي خرچ، ٺيڪيدارن کي ڪيل ادائگيون، او زيڊ ٽي فنڊز، ملازمن جو رڪارڊ ۽ آڊٽ رپورٽون شامل آهن.
اختيارين لاڳاپيل آفيسر کي 22 سيپٽمبر تي گهربل رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته مبينا بي ضابطگين بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


