Focus with Zardari

خيرپور: ڦورن جي فائرنگ ۾ ون فائيو انچارج زخمي

1 Min Read

خيرپور (رپورٽر) ڪوٽڏيجي ۾ ون فائيو پوليس اهلڪارن پاران ڦورن جو پيڇو ڪرڻ دوران ناروڍورو اسٽاپ وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن مبينا طور پوليس تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني.

فائرنگ جي نتيجي ۾ ون فائيو انچارج لعل بخش وساڻ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

واقعي جي اطلاع تي ڪيترائي علائقي واسي ناروڍورو اسٽاپ تي پهچي ويا، جڏهن ته هٿياربند جوابدار فائرنگ بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment