Focus with Zardari

سکر: جج تي حملي واري ڪيس ۾ هڪ عورت سميت 3 ڄڻا گرفتار

1 Min Read

سکر (رپورٽر) سيشن ڪورٽ جي دروازي تي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جاويد حسين ميراڻي جي گاڏي تي مبينا حملي واري واقعي جو سرڪاري فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت 6 عورتن ۽ 4 مردن سميت 10 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ آر موجب هٿياربندن عدالت جي دروازي تي جج جي گاڏي تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکيڙيو. پوليس غوث بخش ميراڻي، اسد ميراڻي ۽ سندس ڀيڻ مهڪ ميراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٻين نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment