Focus with Zardari

سکر: ريلوي انتظاميا جو ڪارنامو، ساڳيون سيٽون مختلف مسافرن کي الاٽ

1 Min Read

سکر (رپورٽر) ڪراچي ويندڙ سکر ايڪسپريس جي ڪوچ نمبر 7 ۾ ريلوي انتظاميا پاران ساڳيون ٻه سيٽون مختلف مسافرن کي الاٽ ڪرڻ سبب مسافرن ۾ سخت ڪاوڙ پکڙجي وئي.

خيرپور ريلوي اسٽيشن ڪراس ڪرڻ کانپوءِ چيڪنگ ٽيم ۽ مسافرن وچ ۾ منهن ماري ٿي، مسافرن جو چوڻ آهي ته هنن آن لائن ٽڪيٽون بُڪ ڪرايون آهن، جن جون ادائيگي جون سلپون ۽ ٽڪيٽن جون ڪاپيون پڻ موجود آهن.

مسافرن الزام لڳايو ته ريلوي عملي مبينا طور ساڻن بدسلوڪي ۽ تشدد ڪيو، کين سيٽن تان لاهي ايندڙ اسٽيشن تي لهڻ لاءِ چيو ويو. عورت مسافرن سوال ڪيو ته کين رستي ۾ ڪٿي لاٿو وڃي، جڏهن ته مسافرن مطالبو ڪيو ته سندن رقم واپس ڪئي وڃي.

مسافرن الزام لڳايو ته مختلف مسافرن کي ساڳيون سيٽون الاٽ ڪرڻ ريلوي انتظاميا جو معمول بڻجي ويو آهي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment