Focus with Zardari

گمبٽ: هنڱورجا ڀرسان تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، عورت فوت، هڪ زخمي

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) هنڱورجا ڀرسان قومي شاهراهه تي واٽيا اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار خانواهن واسي عورت پختون مارواڙي ٿڏي تي فوت ٿي وئي.

حادثي ۾ مسمات سفوران مارواڙي شديد زخمي ٿي پئي، جنهن کي علاج لاءِ هنڱورجا اسپتال منتقل ڪيو ويو.

حادثي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين حادثي جو ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

Share This Article
Leave a Comment