راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته 29 سيپٽمبر تي ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ هڪ آپريشن دوران لشڪر طيبه جي هڪ دهشتگرد کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي، جنهن جي سڃاڻپ محمد آصف عرف هاشم موسىٰ طور ڪئي وئي.
ڀارتي فوج دعويٰ ڪيو ته مارجي ويل شخص جو تعلق پاڪستان سان هو ۽ هو پاڪ فوج جي اسپيشل سروسز گروپ جو رٽائرڊ حوالدار هو. ڀارتي ميڊيا طرفان محمد آصف بابت سروس نمبر سميت مختلف تفصيل پڻ جاري ڪيا ويا ۽ مٿس مختلف حملن ۾ ملوث هجڻ جا الزام لڳايا ويا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت جنهن محمد آصف کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي، اهو زنده آهي ۽ پاڪستان ۾ موجود آهي.ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر رٽائرڊ حوالدار محمد آصف کي ميڊيا آڏو پيش ڪيو.
محمد آصف ٻڌايو ته هو ضلعي اٽڪ جي پنڊي گهيب جو رهواسي آهي ۽ کيس دوستن فون ڪري ٻڌايو ته ڀارتي فورسز کيس ماري ڇڏيو آهي.
محمد آصف چيو ته سوشل ميڊيا تي پنهنجي شهادت جي خبر ڏسي کيس حيرت ٿي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي گهر ۾ موجود هو. سندس چوڻ هو ته هو 2023ع ۾ ايس ايس جي مان رٽائر ٿيو ۽ هن وقت راولپنڊي ۾ هڪ سيڪيورٽي ڪمپني ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.
هن ڀارتي الزام کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته هو زنده آهي ۽ ميڊيا جي سامهون موجود آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ڀارتي دعويٰ کي فالس فليگ آپريشن قرار ڏيندي چيو ته ڀارت پنهنجي پاليسين ۽ والاريل ڪشمير ۾ صورتحال تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙا الزام لڳائي ٿو.
هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ وڏي انگ ۾ ڀارتي فوج ۽ ٻين ادارن جا اهلڪار موجود آهن ۽ اتي ماڻهن جي اچ وڃ تي به پابنديون آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر الزام لڳايو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪارروائين بدران انهن کي هٿي ڏئي رهيو آهي ۽ پنهنجي پاليسين کي لڪائڻ لاءِ پاڪستان تي الزام لڳائي ٿو.
هن چيو ته ڀارتي فوج سياسي ٿي چڪي آهي ۽ والاريل ڪشمير توڙي اقليتن بابت ڀارت جي پاليسين تي سوال اٿن ٿا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان خلاف ڪا ڪارروائي ڪري ٿو ته پاڪستان ان جو سخت جواب ڏيندو ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ جغرافيائي سرحدن جي تحفظ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
پريس ڪانفرنس دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر حرمين شريفين جي سلامتي بابت پاڪستان جي عزم کي به ورجايو. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب جي سلامتي ۽ حرمين شريفين جي دفاع لاءِ پاڪستان جو عزم واضح آهي، جڏهن ته دفاعي تعاون بابت تفصيل ڳجها رکيا ويندا.
ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جون هٿياربند فوجون آئين ۽ رياست جي حڪمن جي پابند آهن ۽ فوج جو سياست سان ڪو تعلق ناهي.
هن چيو ته صوبن سان سياسي ڳالهين جو معاملو وفاقي حڪومت جو آهي، جڏهن ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رياست جي سلامتي کي اوليت حاصل آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ شهرين جي تحفظ لاءِ رياست طرفان گهربل قدم کنيا ويندا. هن پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي بابت به سخت موقف ورجائيندي چيو ته ٻنهي گروپن کي افغانستان جي طالبان جي حمايت حاصل آهي.


