ڄامشورو ( رپورٽ: باسط ملاح ) ڪوٽڙي سائيٽ جي ڳوٺ مڱيو شورو ۾ قائم گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب مسئلن جو شڪار بڻيل آهي، جتي معصوم ٻارڙا سخت گرمي ۾ فرش تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن.
علائقي واسين موجب اسڪول ۾ نه مناسب فرنيچر موجود آهي، نه پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت ۽ نه ئي واش روم جو بندوبست ٿيل آهي، جنهن سبب شاگردن ۽ استادن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
والدين ۽ ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اسڪول ۾ لڳ ڀڳ 150 ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، پر سهولتن جي کوٽ سبب ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. رهواسين سوال اٿاريو آهي ته اسڪولن لاءِ رکيل فنڊ آخر ڪٿي خرچ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته زميني حقيقت اها آهي ته ٻار بنيادي سهولتن کان به محروم آهن.
ڳوٺاڻن وڌيڪ الزام هنيو ته اسڪول ۾ مقرر 8 استادن مان ڪجهه استاد وقت جي پابندي نٿا ڪن ۽ دير سان اچن ٿا، جنهن سبب تدريسي عمل متاثر ٿئي ٿو. سندن دعويٰ آهي ته ڪجهه والدين ۽ رهواسين پاران مسئلا اجاگر ڪرڻ تي کين دٻاءَ ۽ ڌمڪين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
رهواسين جو چوڻ آهي ته هي علائقو سنڌ جي وڏي سياسي تڪ سان لاڳاپيل هجڻ باوجود سرڪاري اسڪول جي حالت افسوسناڪ آهي.
هنن تعليم کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جو هنگامي بنيادن تي دورو ڪري فرنيچر، صاف پاڻي، واش روم ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جڏهن ته استادن جي حاضري ۽ تدريسي عمل کي به بهتر بڻايو وڃي.

وڏي وزير جي تڪ ۾ سرڪاري اسڪول بنيادي سهولتن کان محروم، ٻار فرش تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور
Leave a Comment Leave a Comment

