Focus with Zardari

اسلام آباد: انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندڙن جي انگ ۾ 45 سيڪڙو واڌ

1 Min Read

اسلام آباد: ملڪ ۾ انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائيندڙن جي انگ ۾ 45 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته گوشوارن سان گڏ ادا ڪيل مجموعي ٽيڪس ۾ 7 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

ايف بي آر موجب انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر هئي، تنهن هوندي به ايف بي آر گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 15 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

ايف بي آر شهرين ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي هدايت ڪئي آهي ته وڌايل مدي دوران پنهنجا انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائين.

Share This Article
Leave a Comment