Focus with Zardari

سيوهڻ: انڊس هاءِ وي تي ڊوم وين جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت

1 Min Read

سيوهڻ(رپورٽ: علي بخش سولنگي) ڇني موڙ وٽ انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڊوم وين موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو.

پوليس موجب فوتي نوجوان جي سڃاڻپ بصر برهماڻي پٽ سونهارو خان برهماڻي طور ٿي آهي، جنهن جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سرڪاري اسپتال ڀان سيدآباد منتقل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ابتدائي طور حادثو تيز رفتاري سبب پيش اچڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته حادثي کانپوءِ ڊوم وين جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.

ذريعن موجب پوليس اطلاع ملڻ بعد فرار ٿيل ڊوم وين کي ٻراڙا شاخ، دادو وٽ روڪي ورتو ، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جاري آهي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment