گهوٽڪي(جعفر شيخ) پاور پلانٽ ۾ مزدورن جي داخلا بند ٿيڻ خلاف مزدورن احتجاج ڪيو، جنهن دوران پوليس 20 کان وڌيڪ مزدورن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ڪيترن ئي مزدورن جي گم ٿيڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي وئي آهي.
مزدورن الزام لڳايو آهي ته پلانٽ جي گيٽ تي مزدور شفيق مهر کي بنا ڪنهن جواز جي روڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڪمپني انتظاميا پاران گيٽ بند ڪري مبينا طور ڏنڊا بردار ماڻهو مقرر ڪيا ويا.
مزدورن جو چوڻ آهي ته هو پرامن احتجاج ڪرڻ چاهين ٿا، پر کين ڏنڊا هڻي ڀڄائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، جڏهن ته بعد ۾ پوليس کي گهرائي ڪيترن ئي مزدورن کي گرفتار ڪيو ويو.
مزدورن چيوته پوليس 20 کان وڌيڪ مزدورن کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته ڪجهه مزدور اڃا تائين گم آهن.
هنن ليبر ڊپارٽمينٽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي کان معاملي جو فوري نوٽيس وٺڻ، واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ ۽ مزدورن سان ٿيندڙ مبينا زيادتين جو خاتمو آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.


