ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران مبينا طور فتنه الخوارج سان لاڳاپيل 5 جوابدارن کي مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب فورسز ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي تباهه ڪيو، جڏهن ته مارجي ويلن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف بلوچستان ۾ آپريشن ردالفتنه 3 تحت فتنه الهندستان خلاف ڪارروايون جاري آهن، سيڪيورٽي ذريعن موجب گورندر ۽ ماشڪيل وارن علائقن ۾ ڪارروائي دوران 6 جوابدار مارجي ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ماشڪيل ۾ چيڪ پوسٽ تي فائرنگ کانپوءِ جوابدارن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي ماري ڇڏيو.


