Focus with Zardari

ڪشمور: پورهيت مبينا اغوا، ڪلوڙ برادري جو ٻن ڄڻن جي قتل خلاف لاش رکي ڌرڻو

1 Min Read

ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ پورهيت خادم حسين کوسو جي مبينا اغوا ۽ استاد الله بچايو ڪلوڙ ۽ ڪاشف حسين ڪلوڙ جي قتل خلاف وارثن ۽ ڪلوڙ برادري پاران احتجاج ڪيو ويو آهي.

وارثن موجب خادم حسين کوسو کي فاروقي پمپ وٽان مبينا طور اغوا ڪيو ويو، سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، پر پوليس پاران اڃا تائين اثرائتي ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. وارثن ايس ايس پي ڪشمور کان خادم حسين جي فوري بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.

ٻئي طرف استاد الله بچايو ڪلوڙ ۽ ڪاشف حسين ڪلوڙ جي قتل خلاف ڪلوڙ برادري پاران لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين موجب ٻنهي ڄڻن کي دڪان تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment