ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ پورهيت خادم حسين کوسو کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جو واقعو سامهون آيو آهي، جنهن بعد وارثن ۾ سخت پريشاني پکڙجي وئي آهي.
وارثن موجب خادم حسين کوسو کي فاروقي پمپ وٽان مبينا طور اغوا ڪيو ويو. سندن چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، تنهن هوندي به واقعي کانپوءِ پوليس پاران اڃا تائين اثرائتي ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.
وارثن جو چوڻ آهي ته هو ڪشمور ٿاڻي تي به ويا، پر کين مناسب موٽ نه ملي. هنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي خادم حسين کوسو کي بازياب ڪرايو وڃي.


