ڪراچي (ويب نيوز) ڪراچي جي علائقي خواجا اجمير نگري ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ هڪ جوابدار مارجي ويو آهي.
خواجا اجمير نگري جي سيڪٽر 2 ۾ جامع مسجد رحمانيه ڀرسان پوليس ۽ مبينا ڦورن وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوابدار ڪامران گل زخمي ٿي پيو، جڏهن ته سندس هڪ ساٿي زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويو.
پوليس موجب زخمي جوابدار ڪامران گل ولد اختر گل کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان هڪ 9 ايم ايم پستول، 2 گوليون، 4 موبائل فون، هڪ پرس ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب فرار ٿيل زخمي جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.


