Focus with Zardari

نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي ٽرالر ڊرائيور کان ڦر، ڊرائيورن جو ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

1 Min Read

نوشهروفيروز (محمد عادل عباسي) مورو قومي شاهراهه تي درس ٿاڻي جي حدن اندر هٿياربندن ڪراچيءَ کان پنجاب ويندڙ ٽرالر ڊرائيور کي يرغمال بڻائي 30 هزار رپيا روڪ رقم ۽ ٻه موبائل فون ڦري فرار ٿي ويا، واقعي خلاف ٽرالر ڊرائيورن احتجاج ڪندي قومي شاهراهه بند ڪري ڇڏي.

متاثر ٽرالر ڊرائيور غلام مرتضيٰ موجب، ٻن هٿياربندن کيس هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڦر ڪئي ۽ سامان کڻي فرار ٿي ويا.

واقعي خلاف ٽرالر ڊرائيورن قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.

شاهراهه بند ٿيڻ سبب مسافرن ۽ اسڪول ويندڙ ٻارن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

- Advertisement -

ٽرالر ڊرائيورن مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل رقم ۽ موبائل فون واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment